تذڪره المعاصرين

تذڪره المعاصرين: تذڪره المعاصرين جو مولف شيخ محمد علي حزين آهي، سندس پيءُ ارشد ابي طالب زاهدي لاهيجي جيلاني هو، جيڪو ويهن سالن جي عمر ۾ لاهيجان کان اصفهان هليو ويو ۽ اتي ئي 1127هه / 1715ع ۾ اوڻهتر سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. شيخ حزين سومر 27 ربيع الثاني 1103هه /1691ع ۾ اصفهان ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي مڪتب ۽ مدرسي ۾ داخل ٿيو. فارسي نظم و نثر کانسواءِ صرف، نحو، فقه، منطق ۽ فن شاعري ۾ پڻ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. هن کي سندس پيءُ ۽ استادن شعر چوڻ کان سخت منع ڪئي پر هي لڪي لڪي شعر چوندو هو. اٺن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي حڪم تي قرائت ۽ حفظ قرآن لاءِ مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ حديث فقه جو علم شيخ خليل الله طالقاني ۽ شيخ بهاءُ الدين گيلاني کان حاصل ڪيائين. ڏهن سالن جي عمر ۾ سندس پيءُ هن کي پنهنجي مٽن مائٽن سان ملائڻ خاطر لاهيجان وٺي ويو، جتي حزين پنهنجي چاچي شيخ ابراهيم زاهدي جيلاني کان پڻ علم پرايو. هي مولانا ملا باقر مجلسي عليهرح جي صحبت ۾ پڻ رهيو. علم و تدريس پوري ڪرڻ بعد سندس پيءُ هن کي شعر چوڻ جي اجازت ڏني ۽ هن اٺن هزار شعرن تي هڪ ديوان تيار ڪيو، جيڪو ضايع ٿي ويو. ان بعد شيراز هليو ويو، جتي هن ٻيو ديوان ڏهن هزارن بيتن تي مشتمل تيار ڪيو. ان ۾ هڪ مثنوي ’تذڪره العاشقين‘ پڻ ان ۾ هئي. 1127هه/ 1714ع ۾ هن جو پيءُ ۽ ٻن سالن کانپوءِ 1129هه/1717ع ۾ هن جي ماءُ گذاري وئي. شيراز ۾ هن ٽيون ديوان چئن هزارن بيتن تي مشتمل تيار ڪيو. بادشاهتن جي تبديلي ڪري هي 1146هه /1733ع ۾ سنڌ ۾ هليو آيو. هي شوال جي مهيني ۾ ٺٽي پهتو. اتان خدا آباد ۽ بکر ويو ۽ پوءِ هي ملتان ۽ هندوستان ڏي ويو. حزين چوٿون ديوان به تيار ڪيو. انهن چئن ديوانن کانسواءِ نثر ۾ 18 تصنيفون آهن، جن ۾ تذڪره المعاصرين ۽ سفينه علي حزين ٻئي شايع ٿي چڪيون آهن. تذڪره المعاصرين، شيخ علي حزين 1165هه/1751ع ۾ تاليف ڪيو. هي تذڪرو اصفهان جي هڪ سئو شاعرن، عالمن، فاضلن ۽ بزرگن جي احوال تي مشتمل آهي. هن تذڪري کي مولف الف-ب وار ترتيب ناهي ڏني پر تذڪري کي ٻن حصن ۾ ورهايو اٿس. هن تذڪري جا قلمي نسخا ٻين لائبريرين سان گڏوگڏ ٽالپرن جي ڪتب خاني (حيدرآباد) ۾ به هڪ قلمي نسخو موجود آهي. هي تذڪرو شيخ علي حزين جي ڪليات سان گڏ پهرين لکنو مان 1293هه/1876ع ۾ ۽ پوءِ ڪانپور مان 1893ع ۾ شايع ٿيو ۽ هي تذڪرو اصفهان (ايران) مان ٻه دفعا شايع ٿي چڪو آهي.


لفظ تذڪره المعاصرينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو